Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ٺٽي جي ڳوٺ سومار جوکيو ۾ پيئڻ جي پاڻي واري ٽئنڪي پاڻي بدران هڪ ٻارڙي کان حياتي کسي ورتي

ٺٽو(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺٽي جي ڳوٺ سومار جوکيو ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ جوڙايل ٽئنڪي ورهين کان زبون حال هجڻ ڪري ڊهي پئي جنهن نتيجي ۾ هڪ معصوم ٻارڙي حياتي وڃائي ويٺي ۽ پنج نينگريون ڦٽجي پيون آهن.  ڳوٺ سومار جو کيو ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٺاهيل ٽينڪي اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾5 ورهين جي معصوم نياڻي مريم جوکيو دٻجي فوت ٿي وئي. ٽئنڪي ڪرڻ سبب ثمرين، سروين، صالحه جوکيو ۽ ٻيون ٻارڙيون زخمي ٿي پيون. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته، ٽئنڪي گذريل ڪيتري ئي وقت کان زبون حال هئي، جنهن جي مرمت لاءِ چونڊيل نمائندن توڙي مقامي انتظاميا کي کوڙ ڀيرا شڪايت ڪئي، جنهن جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو، نيٺ ٽئنڪي ڊهي پئي ۽ هڪ ٻارڙي فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيون. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته،  هنن وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل اختيارين کي ٽانڪي جي زبون حال هئڻ جون مختلف وقتن تي شڪايتون ڪيون پر مرمت لاءِ ڌيان نه ڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *