اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته گاڊ فادر جو وڌيڪ هڪ درٻاري اڄ نااهل ٿي ويو، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ ۽ اقاما جو سهارو وٺڻ واري جو به ساڳيو حشر ٿيو آهي. پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته گاڊ فادر جو وڌيڪ هڪ درٻاري اڄ نااهل ٿي ويو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته الله الحق آهي، خواجا آصف شوڪت خانم اسپتال کي نشانو بڻايو ۽ اڄ هو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ بدنام ٿي ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ فيصلو ٻڌائيندي خواجا آصف کي نااهل قرار ڏنو آهي.
Check Also
“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …