ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ميهڙ جي يو سي ٻليدائي جي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن کي پرڏيهه ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿين پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار برهان خان چانڊيو کي گرفتاري کان بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جنهن لاءِ مخصوص ماڻهن کان احتجاج ڪرائڻ سان گڏ ٻنهي جوابدار ڀائرن کي پرڏيهه ڀڄائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ حڪومت جي بااثر شخصيت ۽ پ پ قيادت به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار چانڊيو جلد دبئي يا قطر هليو ويندو. ڇو ته سردار چانڊيو جا دبئي، شارجا ۽ قطر جي شيخن سان واسطا به آهن.
Tags 3 murder in mehar FIR mpa sardar chandio nominated
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …