Tuesday , April 22 2025

پروفيسر سحر انصاري تي عورت پروفيسر کي جنسي حراسان ڪرڻ جو ڏوهه ثابت

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي جي  پروفيسر ۽ ناليواري اديب پروفيسر سحر انصاري  مٿان يونيورسٽي جي عورت ايسو سي ايٽ پروفيسر نوين جي حيدر جنسي طور تي حراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو،پروفيسر جي يونيورسٽي جي حدن ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي. ڪراچي يونيورسٽي  جي پروفيسر سحر انصاري تي عورت اسسٽنٽ پروفيسر نوين جي حيدر پاران لڳايل الزام ثابت ٿي ويو آهي.پاڪ اسٽڊي سينٽر جي اسسٽنٽ پروفيسر جي الزامن جي يونيورسٽي جي ڪميٽي جاچ ڪئي.ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته پروفيسر سحر انصاري  جي يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وڃي.ٻئي طرف پروفيسر سحر انصاري لڳايل الزام کي رد ڪندي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *