پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس، خصوصي عدالتي بئنچ قائم

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پرويز مشرف خلاف آئين ٽوڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ خصوصي عدالت قائم، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ياور علي جي سربراهي ۾ 2 رڪني اسپيشل بينچ قائم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس نذر اڪبر بينچ ۾ شامل. اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ياور علي جي سربراهي ۾ 2 رڪني خاص بئينچ قائم ڪئي وئي آهي. اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ياور علي کي خاص بينچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس نذر اڪبر خاص عدالت جو جج هوندو. صدر ممنون حسين پرويز مشرف خلاف نئين قائم ٿيل بينچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته 29 مارچ تي بينچ جي سربراهه جسٽس يحيٰ آفريدي پرويز مشرف جي وڪيلن جي اعتراض تي پاڻ بينچ کان ڌار ٿي ويو هو، جنهن سبب بينچ ٽٽي وئي هئي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *