Tuesday , April 1 2025
Breaking News

پرويز مشرف پاران سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر پرويز مشرف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي وطن واپس اچڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته، موجوده حالتن ۾ وطن واپس وڃڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي سڀاڻي منجهند جو 2 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. پرويز مشرف پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، موجوده حالتن ۾ مون لاءِ واپس وطن ورڻ ممڪن ناهي رهيو. سندن چوڻ هو ته، پاڪستان وڃڻ لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سوچي سمجهي فيصلو ڪندس ته وطن وڃڻو آهي يا نه.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *