
سکر ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پرياڪماري جي والد، آءِ جي سنڌ جي سينيٽ ڪميٽي ۾ بيان کي سکڻو دلاسو قرار ڏئي ڇڏيو، حڪومت پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ بدران سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي، ڪڏهن ٿا چون پريا ڪماري ڦلاڻي ڌاڙيل وٽ آهي هاڻي چون راهب شر وٽ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پريا ڪماري جي راجو چيو ته، اسان کي پهرين ڏينهن کان رڳو سکڻا دلاسا ڏنا پيا وڃن، حڪومت اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرائي، اهو ان جو ڪم آهي. راجو مل جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ احتجاج دوران گهرو وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ خوشخبري ڏينداسين، گهرو وزير جو واعدو وفا ناهي ٿيو، اڃا تائين نياڻي بازياب ناهي ٿي. هن چيو ته ماڻهن چيو هو ته نياڻي سيدن وٽ آهي، اسان کي خبر ناهي ته پريا ڪٿي آهي، اسان جو بس هڪڙو ئي مطالبو آهي ته معصوم نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.
سنڌسماءَچار