ڪٻاڙي جو دوڪان ۽ ملڪ هلائڻ ۾ فرق آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي ترجمان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته، ملڪي اثاثا وڪڻڻ ۽ ڪرائي تي ڏيڻ سان ملڪ ناهي هلندو ۽ ان سان تبديلي نه تباهي ايندي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته، ملڪيتون وڪڻڻ ۽ مسواڙ تي ڏيڻ سان تبديلي نه پر تباهي ايندي آهي. هن ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ ليز تي ڏيڻ واري معاملي تي حڪومت تي تنقيد ڪئي، مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اِهو افسوس جوڳو امر آهي ته ريڊيو پاڪستان ملڪ جي قائم ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ ليز تي ڏيڻ ريڊيو پاڪستان تي سڌو سنئون حملو آهي، اسان ائين قطعي نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته اِهو فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قانون سازي جي ذريعي ئي ممڪن آهي، ان ۾ ڪو هڪڙو فرد فيصلو نٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته شين کي اهڙي ريت ليز تي ڏيڻ قبول ناهي، حڪومت کي هلائڻ جا پنهنجا تقاضا هوندا آهن، ان کي دڪان جيان نٿو هلائي سگهجي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *