Monday , March 31 2025
Breaking News

پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت نوڪريون ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت نوڪريون ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، فواد چوڌري پاران مختلف کاتا ئي بند ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا واعدا ڪندڙ تحريڪ انصاف جي وفاقي سرڪار بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته، حڪومت هڪ به ن وڪري نه ٿي ڏئي سگهي، اسان ته وفاقي حڪومت جي انتظامن هيٺ هلندڙ مختلف کاتا، اٿارٽيز ۽ شعبا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران هن چيو ته ان ڳالهه تي زور آهي ته حڪومت نوڪريون ڏئي، پر ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو وجهڻ ضروري آهي ته نوڪرين لاءِ حڪومت ڏانهن نه ٿو ڏسي سگهجي. فواد چوڌري چيو ته ماڻهو نوڪرين ڏانهن حڪومت ڏانهن ڏسڻ شروع ڪندا ته معيشت تباهه ٿي ويندي، نوڪريون ته خانگي شعبو ڏيندو آهي، حڪومت هڪ ڪروڙ ته ڇا پر 5 نوڪريون به نه ڏينداسين، فواد چوڌري چيو ته حڪومت ته 400 کاتا ختم ڪري رهي آهي، نوڪريون حڪومت نه، نجي شعبو ڏيندو آهي. اهڙي بيان تي سوشل ميڊيا سميت هر هنڌ سخت تنقيد کانپوءِ فواد چوڌري هڪ ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته حيران آهيان ته هر بيان کي ڪيئن حقيقت جي ابتڙ سرخي بڻايو ويندو آهي، هن چيو ته تقريب ۾ هن اهو چيو ته نوڪريون حڪومت نه نجي شعبو ڏيندو آهي، حڪومت کي ان لاءِ ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جتي نوڪريون هجن، ائين نه هجي ته هر شخص سرڪاري نوڪري جي ڳولا ڪندو رهي. ياد رهي ته عمران خان چونڊ جلسن کي خطاب دوران اعلان ڪيو هو ته اقتدار ملڻ بعد هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ٺاهي ڏينداسين. اهو تحريڪ انصاف جي منشور ۾ به شامل هو.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%84%d8%a7%da%99%da%aa%d8%a7%da%bb%d9%8a-%d8%ac%d9%88-%d9%be%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d8%b3-11-%d9%be%d9%8a%d9%be%d9%84%d8%b2%d9%be%d8%a2%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d9%87%da%aa-%da%80/

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *