ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ پاران گلشن اقبال ۾ پي ٽي آءِ جي ڪئمپ تي حملي جو ڪيس آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سعيد غني ۽ نجمي عالم خلاف داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ قائم پي ٽي آءِ جي ڪئمپ تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري واقعي بعد رات جو دير سان واقعي واري هنڌ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته، پ پ ڪراچي ڊويز جي اڳواڻ نجمي عالم نشي ۾ ڌت ٿي اسان جي ڪئمپ تي حملو ڪرايو، هن دعوا ۽ زور ڏيندي چيو ته نجمي عامل نشي ۾ ڌت هيو. علي زيدي چيو ته، اسان جلسي جي هنڌ بابت پ پ اڳواڻن کي مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر رات جو دير سان اسان جي ڪئمپ تي حملو ڪري ڪيترائي ڪارڪن زخمي ڪيا ويا، انهن جي گاڏين کي باهه ڏني وئي ۽ ڪئمپ تان قيمتي سامان به کڻي ويا.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …