دبئي: آصف زرداري سان پ پ اڳواڻ امجد کوکر جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

Amjad Khokhar

اڳوڻي صدر آصف زرداري سان پ پ پ سنڌ جي اڳواڻ امجد کوکر  دبئي ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. امجد کوکر ٽنڊوالهيار ضلعي جي حوالي سان ، سياسي، سماجي ۽ عوامي مسئلن تي ڳالهه ڪئي. ملاقات دوران آصف زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارٽي اڳواڻن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ساڻن هر وقت رابطي ۾ رهڻ گهرجي ۽ ايندڙ عام چونڊن لاءِ ڀرپور تياري ڪئي وڃي. ٻي طرف امجد کوکر سنڌسماءَ چار سان ڳالهائيندي چيو ته ، اڳوڻي صدر ۽ پارٽي سربراهه آصف علي زرداري سان ملاقات دوران سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ آصف زرداري سان ٿيل ملاقات تمام گهڻي مفيد ثابت ٿي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *