ڪراچي: پ پ پ جي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جي ڊرائيور کان سرڪاري ڪار ڦرجي وئي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوابشاهه مان چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر غلام قادر چانڊيو جي ڊرائيور کان ڪراچي مان سرڪاري ڪار ڦرجي وئي آهي. غلام قادر چانڊيو جو ڊرائيور ڊيفينس فيز 2 جي گوشت مارڪيٽ واري علائقي ۾ ڪار اندر موجود هو ته، اڻسڃاتل هٿياربندن کانئس ڪار ڦري ڀڄي ويا.

پ پ ايم پي غلام قادر چانڊيو اهڙو اطلاع لاڳاپيل حد جي پوليس سميت سي پي اي سي کي به اطلاع ڪري ڇڏيو آهي.

غلام قادر چانڊيو جو چوڻ آهي ته سندس ڊرائيور ڪنهن ڪم سانگي بازار ويل هو ته هٿياربند کائنس ڪار ڦري ڀڄي ويا, جنهن جو اطلاع حد جي پوليس کي به ڏئي ڇڏيو آهي.

 

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *