ٽنڊو الهيار ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف اڄ 5 ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آبادگارن انور رند، مرڪ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کدڙي فقير کي آبپاشي جو فرضي آفيسر بڻائي انوکو احتجاج ڪيو . ان موقعي تي احتجاج ۾ کدڙي فقير آبپاشي آفيسر جو ڪردار ادا ڪندي تاڙي وڄائيندي چيو ته مون پاڻي وڪڻي ڇڏيو آهي توهان برساتون پوڻ جون دعائون ڪيو. مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ آبپاشي عملدارن خلاف نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …