قانون واري کاتي ۾ من پسند ماڻهن جون ڀرتيون، سنڌ حڪومت کي نوٽيس

ڪراچي( سنڌسماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران قانون واري سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت من پسند ماڻهن کي قانون کاتي ۾ ڀرتي ڪيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته صوبائي وزير ناصر شاهه جي پٽ شبير شاهه ۽ ٻين کي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سڀني ماڻهن کي وڪالت جي تجربي ۽ تعليمي قابليت جي ابتڙ اعلي عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري سڀني ماڻهن کي هٽائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت قانون واري سيڪريٽري ۽ ايدووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻين کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *