Sunday , February 23 2025

چٽاڀيٽي وارو امتحان پاس ڪندڙن جو سپريم ڪورٽ جي فيصلو خلاف احتجاج

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان متاثر ٿيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪراچي  ۾احتجاجي  مظاهرو ڪيو.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سيڪشن آفيسرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان واحد عباسي ، مسرور بجاراڻي، آصف بروهي، عاطف ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ چيو ته هنن محنت ڪري 2013 ۾ سيڪشن آفيسر ۽ اسٽنٽ ڪمشنرز جو امتحان پاس ڪيو پر  سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان سان سندن مستقل تباهه ٿي ويندو.

هنن  چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن بابت 19 مارچ تي ٻڌايل فيصلي تي نظر ثاني ڪري ته جيئن سندن مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *