چٽاڀيٽي وارو امتحان پاس ڪندڙن جو سپريم ڪورٽ جي فيصلو خلاف احتجاج

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان متاثر ٿيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪراچي  ۾احتجاجي  مظاهرو ڪيو.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سيڪشن آفيسرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان واحد عباسي ، مسرور بجاراڻي، آصف بروهي، عاطف ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ چيو ته هنن محنت ڪري 2013 ۾ سيڪشن آفيسر ۽ اسٽنٽ ڪمشنرز جو امتحان پاس ڪيو پر  سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان سان سندن مستقل تباهه ٿي ويندو.

هنن  چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن بابت 19 مارچ تي ٻڌايل فيصلي تي نظر ثاني ڪري ته جيئن سندن مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي وڃي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *