Thursday , April 24 2025

ڊاڪٽر عاصم حسين جي اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي آهي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، عدالت کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر عاصم جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي. ڊاڪٽر عاصم جي طبعيت خراب ٿيڻ تي هڪ نجي اسپتال جي ڊاڪٽرز کي فوري طور تي عدالت طلب ڪيو ويو. ڊاڪٽرن طبي چڪاس ڪرڻ بعد چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، سندس اي سي جي رپورٽ ٺيڪ نه آئي آهي، عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي علاج لاءِ 24 فيبروري کان 28 مارچ تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي سندس درخواست منظور ڪري ورتي. ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *