ڪراچي، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپور خاص ۾ ٻيهر تيز مينهن جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماچار) موسميات کاتي ڪراچي ۽ ٺٽي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻيهر تيز مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ چوويهن ڪلاڪن دوران، ڪراچي، ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص سميت مختلف علائقن ۾ تيز مينهن وسندو. موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ کانپوءِ پراوينشنل ڊزاسٽر اٿارٽي / پي ڊي ايم اَي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽي سميت ٿرپارڪر، ٽنڊُ الهيار، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ مينهن پوندو، انڪري ض:عي انتظاميا ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪري.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *