Tuesday , April 22 2025

ڪراچي: پ پ پ جي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جي ڊرائيور کان سرڪاري ڪار ڦرجي وئي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوابشاهه مان چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر غلام قادر چانڊيو جي ڊرائيور کان ڪراچي مان سرڪاري ڪار ڦرجي وئي آهي. غلام قادر چانڊيو جو ڊرائيور ڊيفينس فيز 2 جي گوشت مارڪيٽ واري علائقي ۾ ڪار اندر موجود هو ته، اڻسڃاتل هٿياربندن کانئس ڪار ڦري ڀڄي ويا.

پ پ ايم پي غلام قادر چانڊيو اهڙو اطلاع لاڳاپيل حد جي پوليس سميت سي پي اي سي کي به اطلاع ڪري ڇڏيو آهي.

غلام قادر چانڊيو جو چوڻ آهي ته سندس ڊرائيور ڪنهن ڪم سانگي بازار ويل هو ته هٿياربند کائنس ڪار ڦري ڀڄي ويا, جنهن جو اطلاع حد جي پوليس کي به ڏئي ڇڏيو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌو شينهن شير درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: ذوالفقار ڀٽو جونيئر

 سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *