ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم نيب چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

Dr AsimQamar zama NAB

پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي فرياد تي نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري خلاف ڪراچي جي ٽيپو سلطان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر عاصم ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب چيئرمين جي چُرچ تي اڻڄاتل جوابدارن سندس ڀيڻ جي گهر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي.

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي فرياد تي نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي ٽيپو سلطان ٿاڻي تي ڊاڪٽر عاصم حسين پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، ڪجهه ڏينهن اڳ اڻڄاتل جوابدارن سندس ڀيڻ جي سنڌي مسلم سوسائٽي واري بنگلي نمبر بي 50 بلاڪ 6 ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاه ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون.

ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ماڻهن کي گهر ڀاتي سڃاڻي نه سگهيا، پر سڄي ڪارروائي نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري جي چُرچ تي ڪئي وئي…..

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *