ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته، ڪراچي شهر کي جيڪا اهميت ڏيڻ گهرجي ها اُها ملي ناهي سگهي، ڪاروباري طبقو مطمئن هوندو ته مسئلا حل ٿي ويندا. ڪراچي ۾ ڪورنگي انڊسٽريز ۽ ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته، ايڊمنسٽريٽرز جين مقرري کان پهريان ڪراچي ۾ مڪاني اداران جا چونڊيل نمائندا اختيارن ۽ فنڊز نه ملڻ جو راڳ ڳائيندا هئا، هاڻي فنڊز ۽ اختيار به ساڳيا آهن پر باقائدگي سان صفائي ٿي رهي آهي، گند ڪچرو کنيو وڃي ٿو. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت هلائي ٿي، ملڪي معيشت جو اهم حصو ڪراچي آهي پر افسوس ته ڪراچي کي جيڪا اهميت ملڻ گهرجي ها اها نه ڏني وئي. ڪراچي جون صنعتون هلائڻ لاءِ گئس مهيا نه پئي ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته وڏو صنعتي بحران اچي سگهي ٿو جيڪو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان کي سنڀالي سگهبو.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …