گرفتار ڪيل فيصل رضا عابدي کي عدالت ڪيڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو؟؟

 

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت چيف جسٽس مخالف بيانن ۽ (ڊيمز خلاف ۽ پاڻي معاملن تي ڳالهائڻ وارو معاملو) جي ڪيس ۾ اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيوآهي. ايف آءِ اي اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي اعليٰ عدليه ۽ چيف جسٽس مخالف بيانن جي ڪيس ۾ سينئر سول جج عامر عزيز جي روبرو پيش ڪيو. ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي،  عدالت کي درخواست آهي ته جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. جوابدار جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي، اصيل بيمار آهي، اسپتال موڪليو وڃي. سينئر سول جج عامر عزيز فيصل رضا عابدي کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ حڪومت پاران اين ايف سي ايوارڊ تي راتاهي جون تياريون

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *