لاهور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي، ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهيت ته، ڊيمن جا مخالف ناهيون پر ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندا رهنداسين، ڪير آرٽيڪل 6 لڳائي ٿو ته ڀلي لڳائي. اي اين پي جي سربراهه، لاهور ۾ نواز شريف جي رهائشگاهه جاتي امراءَ ۾ سندس گهر واري جي وفات تي تعزيت ڪئي. نواز شريف سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته، اسان ڊيمن جا مخالف ناهيون ۽ نه ئي ڪڏهن ڊيمز جي مخالفت ڪئي آهي، پرڪالا باغ ڊيم تي اعتراض آهن، اسان ان جا مخالف آهيون ۽ مخالفت ڪندو رهندس، جيڪڏهن ڪير آرٽيڪل 6 لڳائي ٿو ته ڀلي لڳائي ڇڏي. ان موقعي هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو بدزبان رهيا آهن هاڻي وري انهن کي اسيمبلي ۾ آندو ويو. اسفنديار ولي چيو ته مان عمران خان کي وزيراعظم مڃان ئي نه ٿو. ڇو ته اهو چونڊيل نه پر سليڪٽڊ وزيراعظم آهي. جيڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي ۽ ن ليگ طرفان ڪا تحريڪ هلائي وئي ته ان جو حصو هونداسين.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …