ڪي ايم سي جي ڪارروائي، آرام باغ ۾ پارڪ اندر قائم سياسي پارٽي جي آفيس ڊاهي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي سرڪاري پارڪن مان غير قانوني قبضا ۽ حد دخليون ھٽائڻ واري حڪم کانپوءِ ڪي ايم سي پاران آرام باغ جي اندر ھڪ جماعت پاران قائم ڪيل خانگي آفيس کي بلڊوز ڪيو ويو. سياسي پارٽي پاران پارڪ جي ھڪ حصي تي قبضو ڪري آفيس ٺاھي ٻاھران لائيبرري جو بورڊ لڳائي ڇڏيو هو. آرام باغ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي آرام باغ واري علائقي ۾ قائم ڪي ايم سي لائبريري جي عمارت کي ڊاهيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر جي حڪم تي لائبريري ڊاهڻ کان اڳ ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ جو ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو،جنهن سبب ڪيترن ئي ناياب ڪتابن ۽ مواد جو نقصان ٿي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *