گڏاپ جي لياري ندي جي ٻنھي پاسن ۾ قبضہ مافيا ۽ انڊسٽري ايريا پاران قبضہ وڌائي ڇڏيا ،لياري ندي سوڙھي ٿي وئي ،عوام جو انتظاميا کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ،خبر موجب ضلعي اولھ جي ڀر ۾ گذرندڙ برساتي نالي جي سڀ کان وڏي لياري ندي جي ٻنھي پاسن ۾ قبضا مافيا ،۽ فيڪيٽري مالڪن آھستہ آھستہ لياري ندي جي اندر قبضہ ڄمائي ڇڏيا ،انتظاميہ جي نااھلي سبب برساتي نالي جي ٻنھي پاسن تي لينڊ مافيا قبضہ ڪري ڇڏيا ،ندي جي ھڪڙي پاسي غير قانوني گھر ۽ ٻئي پاسي انڊسٽري مل مالڪن ندي جي اندر پنھنجا قبضہ ڄمائي ڇڏيا ،جنھن جي ڪري ندي سوڙھي ٿي وئي ،جڏھن تہ ڪيترن ئي سالن کان ندي جي صفائي بہ نٿي سگھي جنھن ڪري 2012 ۾ آيل بارشن سبب وڏي تباھي پڻ ٿي ھئي ،گھرن اندر ست فٽ پاڻي بيٺل ھيو ،۽ڪيترن ئي گھرن کي نقصان پڻ پھتو ھيو ،جڏھن تہ لياري کان وٺي سھراب ڳوٺ تائين ندي جي ٻنھي پاسن تي غير قانوني اڏاوتون ٿيل آھن ،جنھن کي ھٽائڻ لاء حڪومت ڪي بہ اپاء نہ ورتا آھن جنھن ڪري ايندڙ برساتن ۾ وڏي تباھي ٿي سگھي ٿي ،علائقي جي رھواسين حڪومت سنڌ ،ڪمشنر ڪراچي ،ميئر ۽ڊپٽي ميئر کان فوري ڪاروائي جي گھر ڪئي آھی
Tags Gadap Layari river encroachment Layari river encroachment
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …