جيئي سنڌ قومي محاذ (بشيرخان قريشي) جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو جاري، هزرين ڪارڪنن جي شرڪت، قومي شاهراهه تي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳل، هزارين گاڏيون بيهجي ويون
ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ آيل پوليس کي جسقم قيادت موٽائي ڇڏيو، 24 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رهندو: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
خيرپور (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ وڪري خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير خان قريشي) جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻُ جاري، هزارين ڪارڪن موجود، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ آيل پوليس کي جسقم قيادت موٽائي ڇڏيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته 24 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رهندو. جسقم (بشير خان قريشي) جي سنڌ تي، سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نجي ڪمپنين حوالي ڪرڻ خلاف ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جمعي ڏينهن منجهند جو لڳل ڌرڻو جاري آهي، سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل هزارين ڪارڪن ڌرڻي ۾ شريڪ آهن.
قومي شاهراهه جي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي سبب ٽريفڪ جمعي ڏينهن منجهند کان وٺي معطل آهي، روڊ جي ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ هزارين گاڏيون بيٺل آهن. ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران وقفي وقفي سان، ” سنڌو مان ڪئنال نامنظور، سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، سنڌ جي زمينن تي قبضا نامنظور، سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، پاڻي خاطر جهيڙو آ، پاڻي خاطر زرداري توسان جهيڙو آ“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا به هنيا پيا وڃن.
ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي ايٿوپيا بڻائڻ جي سازش آهي، درياءُ سنڌ جو ساهه آهي ۽ ڪئنال ڪڍي سنڌ جي نڙيءَ تي لت ڏني پئي وڃي، هن چيو ته، سنڌ 90 سيڪڙو زرعي معيشت تي هلي ٿو ۽ زراعت جو اهم ذريعو سنڌو درياءُ آهي، سنڌ جي پاڻي تي پنجاب اڳ ۾ ئي ڌاڙو هڻندو رهي ٿو جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ نه رڳو سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي پر ان سان ڪجهه سالن اندر سنڌ جي زرعي معيشت، سامونڊي پٽي ۽ ماحوليات تباهه ٿي ويندي. هن چيو ته اسان جو پرامن ڌرڻو آهي، جيڪڏهن ان کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت پاڻ هوندي. اسان جو ڌرڻو 24 ڪلاڪن جو آهي جيڪو پڇڇنهنجي مقرر وقت تائين جاري رهندو، هن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي آهي ته اڄ ڇنڇر ڏينهن به ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ امڙ جي ٿڃ ملهائن.
سيڪريٽري ارسا جو پنجاب کي پاڻي جي موجودگي جوسرٽيفڪيٽ سامهون اچي ويو
پيپلزپارٽي پاران بنگالين، برمين ۽ بهارين کي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو