روشن خيالي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

سوات (سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان روشن خيالي کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته، اسان اسلامي روايتن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اسانکي انتهاپسند قرار ڏنو وڃي ٿو. جي يو آءِ جي سربراهه سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا جڏهن افغانستان تي حملو ڪيو هو ته قومپرستن آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ اسان کي اهو مهڻو ڏنو ويو ته اسان طالبان جا ساٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. فضل الرحمان چيو ته اسان روشن خيالي کي رد ڪيون ٿا، ان کي قبول نه ٿا ڪيو، ڇو ته جڏهن اسان اسلامي روايتن جي ڳالهه ڪندا آهيون ته اسان کي انتهاپسند هنجڻ جو مهڻو ڏنو ويندو آهي. اسان سدائين معصوم انسانن جي قتل عام جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪرپٽ سياستدانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان اهڙي ڪنهن به تحريڪ جي حمايت نه ڪنداسين، جيڪا آئين ۽ قانون کان ٻاهر هجي. سندس چوڻ هو ته اسان کي اولهه جي فلسفي واري سياست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، جڏهن اسان اسلام جي ڳالهه ڪندا آهيون ته جاهل چيو ويندو آهي، باعزت عورتن کان رَوا کسڻ آزادي ناهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *