اميشا خاصخيلي جي اغوا واري الزام هيٺ آيل ڌر پاران انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ جو الزام

عمر ڪوٽ ( رپورٽر سنڌسماءَچار) عمرڪوٽ پوليس تحويل مان پراسرار نموني گم ٿيل اميشا خاصخيلي ڊرامائي انداز ۾ هٿ اچڻ بعد الزام هيٺ آيل گرفتار ٿيل سيف الله ۽ فيض پلي جي وارثن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جي نوجوانن کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي. اميشا خاصخيلي ڊرامائي انداز ۾ پوليس کي هٿ اچڻ بعد پلي برادري جي نوجوانن روشن علي، عبدالقادر، جاويد پلي ۽ ٻين عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ ھنگامي ڪانفرنس ڪندي چيو ته اميشا هٿ اچڻ بعد ثابت ٿيو آهي ته هو ڪٿي هئي ۽ ڪٿان بازياب ٿي آهي. هنن چيو ته سيف الله ۽ فيض پلي کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي، سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪرائي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *