موبائل ڪمپنين پاران ٽئڪس ڪٽوتين جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ موبائيل فون جي 100 رپين واري ڪارڊ ۾ 40 رپيا ڪٽوتي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي حڪومت ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار موبائيل فون جي 100 رپين واري ڪارڊ ۾ ٽيڪس ۽ ٻين شين جي مد ۾ 40 رپيا ڪٽوتي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار  چيو ته 100 رپين واري ڪارڊ ۾ 40 رپيا ڇو ۽ ڪهڙي مد ۾ ڪٽيا وڃن ٿا. چيف جسٽس اٽارني جنرل ۽ موبائيل فون ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي، پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي آڱاري واري ڏينهن ٿيندي.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *