اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ موبائيل فون جي 100 رپين واري ڪارڊ ۾ 40 رپيا ڪٽوتي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي حڪومت ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار موبائيل فون جي 100 رپين واري ڪارڊ ۾ ٽيڪس ۽ ٻين شين جي مد ۾ 40 رپيا ڪٽوتي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته 100 رپين واري ڪارڊ ۾ 40 رپيا ڇو ۽ ڪهڙي مد ۾ ڪٽيا وڃن ٿا. چيف جسٽس اٽارني جنرل ۽ موبائيل فون ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي، پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي آڱاري واري ڏينهن ٿيندي.
Check Also
پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف
ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …