اليڪشن ڪميشن جي پابندي باوجود گورنر ٽن ترقياتي منصوبن جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ جي گورنر ڪراچي ۾ 2  فلاءِ اورز ٺاهڻ سميت ٽن نون منصوبن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي گورن محمد زبير ڪراچي جي منگهو پير روڊ ۽ نشتر روڊ تي فلاءِ اوورز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. محمد زبير  ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي. گورنر چيو آهي ته، سخي حسن، فائيو اسٽار چورنگي ۽ فائيو اسٽار چورنگي تي ٽي نيون فلاءِ اوورز ۽ انهن سان گاڏ روڊ به ڄاهيا ويندا. ٽئي ترقياتي منصوبا جلد شروع ڪيا ويندا. سنڌ جي گورنر محمد زبير اليڪشن ڪميشن پاران نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ يا انهن جي اعلانن تي پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي خلاف عدالت ۾ به ڪيس هلندڙ آهي، ان باوجود سنڌ جي گورنر محمد زبير ٽن نون ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *