سڪرنڊ ويجهو مسافر ڪوچ جو چنگچي کي ٽڪر 10 پورهيت اجل جو شڪار، 4 زخمي

سڪرنڊ ڀرسان ڪوچ جو چنگچي کي ٽڪر، 10 پورهيت فوت، 4 ڄڻا زخمي، فوتين جا مڙهه ۽ زخمي هالا ۽ نوابشاهه اسپتال منتقل

سڪرنڊ (رپورٽر سنڌسماءَچار) سڪرنڊ ڀرسان تيز رفتار ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ ويندڙ 8 مزدور ٿڏي تي فوت ۽ 4 پورهيت ڦٽجي پيا، فوتي پورهيتن جا مڙهه ۽ زخمين کي هالا ۽ نوابشاهه اسپتال من تقل ڪيو ويو، سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه تي ٻاروچو باغ وٽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 12 پورهيتن مان 8 پورهيت ٿڏي تي فوت ۽ 4 ڄڻا ڦٽجي پيا، زخمي ٿي  پيل پورهيتن مان 2 ڄڻا اسپتال نيئندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين  مان ٻن ڄڻن جي به حالت خراب آهي.

ٻاروچو باغ وٽ پيش آيل حادثي بابت علائقي واسين ۽ حادثي واري ه تان گذرندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته حادثو ڪوچ ڊرائيور جي لاپرواهي سبب پيش آيو، تيز رفتاري سبب ڪوچ چنگچي رڪشا مٿان چڙهي ويو ۽ ڪجهه پنڌ تائين رڪشا کي گهليندي وئي.

https://sindhsamaachar.com/ur/%d9%86%d9%85%d8%b1%d8%aa%d8%a7-%da%a9%d9%8a-%d9%82%d8%aa%d9%84-%da%aa%d8%b1%da%bb-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d8%a7%da%b3-%da%a9%d9%8a%d8%b3-%d8%ac%d9%86%d8%b3%d9%8a-%da%8f%d8%a7%da%8d%d8%a7%d8%a6%d9%8a/

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *