حوثي باغين جو حملو؛ سعودي ولي عهد گم، زنده هجڻ يا نه هجڻ جي پڪ نه ٿي:عالمي ميڊيا

 

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي ولي عهد گذريل 28 ڏينهن کان پراسرار نموني گم آهي، روسي ۽ ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته، شهزادو محمد بن سلمان 21 هين اپريل کان گم آهي، سندس جيئري هجڻ بابت ڪير به تصديق نه پيو ڪري. روسي ۽ ايراني ميڊيا جي مختلف ادارن دعويٰ ڪئي آهي ته، گذريل 21 هين اپريل تي حوثي باغين پاران سعودي عرب جي شاهي محل تي ڪيل حملي کانپوءِ سعودي جو ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان اڃا سوڌو گم آهي، جنهن بابت ڪو ب ه ڏس پتو نه پئجي رهيو آهي.

ايراني ۽ سعودي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته، شهزادو محمد بن سلمان حوثي باغين جي شاهي حملي جي نتيجي ۾ زخمي به ٿي پيو هو، جنهن کي لڪايو پيو وڃي. حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد شسهزادي جي طبعيت ب ه انتهائي ناساز ٻڌائي وئي هئي. ان سلسلي ۾ سعجودي جي شاهي خاندان توڙي سرڪاري سطح تي ب ه اڃا تائين ڪنهن به قسم جا تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي. جنهن  سبب خدشا ۽ انومان وڌي ويا آحن.

About

Check Also

اي دوست! مان تنهنجي آڏو ڪنڌ جهڪائي پاڻ تي ملامت ڪري رهيو آهيان-اصغر آزاد

اي دوست! مان تنهنجي آڏو ڪنڌ جهڪائي پاڻ تي ملامت ڪري رهيو آهيان-اصغر آزاد جيڪڏهن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *