اسٽيٽ بئنڪ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح ۾ 50 بيسس جي واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ ٻن مهينن لاءِ مانيٽرنگ پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽ جو اضافو ڪري ڇڏيو  آهي، 50 بيسس پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ وياج جي شرح 6 ڏهائي پنج  ٻڙي مقرر ڪئي وئي آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائي موجب هلندڙ مالي سال دوران معاشي ترقي جي شرح 5 ڏهائي 8 سيڪڙو رهندي جيڪا 13 سالن دوران بلند ترين سطح آهي، جڏهن مهانگائي جي شرح 6 سيڪڙو سالياني حدف کان گهٽ رهندي.اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽ جو اضافو  ڪيو ويو آهي، 50 بيسس پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ وياج جي شرح 6 ڏهائي پنج  ٻڙي مقرر ڪئي وئي آهي، اهڙي فيصلي تي  28 مئي کان عمل شروع ٿيندو.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *