جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ نگران وزيراعظم جو عهدي قسم کڻي ورتو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ناصرالملڪ نگران وزيراعظم طور عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين کيس نگران وزيراعظم جو قسم کڻايو.

نگران وزيراعظم جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ شاهد خاقان عباسي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، هٿيار بند فوجن جا اعليٰ عملدار، چئني صوبن جي گورنرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن توڙي اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. حلف کڻڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم ناصرالملڪ ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪندو جيڪي به قسم کڻڻ کانپوءِ پنهنجن پنهنجن عهدن جون ذميواريون سنڀاليندا.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *