ڊاڪٽر فهميده مرزا قرض معاف ڪرائيندڙ ۽ بئنڪن جي باقيدار نڪتي
Asghar Azad
June 14, 2018
سنڌ
1,267 Views
ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ مان فارم جمع ڪرائيندڙ 228 اميدوار مختلف بئنڪن ۽ ادارن جاباقيدار ۽ قرضي نڪتا آهن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پ پ ڊاڪٽر فهميده مرزا به بئنڪن جي باقيدار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺن لاءِ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اميدوار فهميده مرزا بئنڪ جي 276 ملين رپين جي باقيدار آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي شگرملز لاءِ ورتل504ملين رپيا قرض به معاف ڪرايو. جيڪو مختلف وقتن تي معاف ڪيو ويو.