بئلٽ پيپر ۾ پسند جو اميدوار نه هجڻ تي رد ڪرڻ جو آپشن شامل ڪيو؛ ڊاڪٽر نتاشا پاران پٽيشن داخل

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ڪو به اميدوار پسند نه هئڻ جي صورت ۾ ووٽر لاءِ بيلٽ پيپر ۾ سمورن اميدوارن کي رد ڪرڻ وارو هڪ خانو به شامل ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل، ايڊوڪيٽ جنرل، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ  بيلٽ پيپر تي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ اضافي خانو شامل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.عدالت ڊاڪٽر نتاشا مصطفيٰ جي درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن ، سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي  21 جون تائين نوٽيس جاري  ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هائي ڪورٽ  جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ڊويزن بينچ  ووٽرز پاران حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ اضافي خاني شامل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪئي.

درخواستگذار ڊاڪٽر نتاشا  مصطفيٰ پاران ايڊووڪيٽ منظور کوسو عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو ته جيڪڏهن ووٽرز کي چونڊن ۾ حصو وٺندڙڪوبه اميدوار پسند نه اچي ته ان کي سمورن اميدوارن کي رد ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ بيلٽ پيپر تي اضافي خانو شامل ڪيو وڃي. وڪيل مطابق ان خاني شامل ڪرڻ سان سياسي شعور وڌندو ، اظهار جي آزادي ۽ جمهوري نظام  تي اعتماد وڌندو. هن چيو ته ڀارت،بنگلاديش،يوڪرين ۽ ڪيناڊا سميت مختلف ملڪن ۾ ووٽرز کي اهو آپشن ڏنو ويو آهي ،انڪري هي آپشن هتان جي ووٽرز کي ملڻ ضروري آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *