خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ نعمان اسلام الدين کان ووٽرن جو پڇاڻو، گاڏي آڏو ڌرڻو

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ترقيءَ جون دعوائون ڪندڙ خورشيد شاهه کان هڪ نوجوان ڪارڪردگي بابت اوچتو سوال ڪيو ته توهان 10 سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ باوجود ڪچي ۾ ڪو به ڪم ڇو نه ڪرايو. پنوعاقل ۾ترقيءَ جون دعوائون ڪندڙ خورشيد شاهه کان هڪ نوجوان ڪارڪردگي بابت اوچتو سوال ڪيو ته توهان 10 سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ باوجود ڪچي ۾ ڪو به ڪم ڇو نه ڪرايو. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه نوجوان جو سوال گول ڪندي پريشاني واري حالت ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي آهين ڇا، ائين چئي روانو ٿي ويو.

ٻئي پاسي پنوعاقل جي ڳوٺ حسن ڪلوڙ ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪري واپس وين دڙ خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ نعمان اسلام الدين شيخ جو ڳوٺاڻن گهيرو ڪري سندن قافلي آڏو ڌرڻو به هنيو. بيروزگار نوجوانن پاران گهيراءُ، محافظن پاران صحافين ۽ احتجاج ڪندڙن تي هٿيار  تاڻي ورتا.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *