ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( رپورٽ: اصغرآزاد  سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي به آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان کان  اڳ سپريم ڪورٽ به ٻڻهي ڄڻن کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي. ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل نوٽيسز ۾ اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپرکي سڀاڻي يعني 11هين جولاءِ تي ايف آءِ اي جي لاڳاپيل اختيارين آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي. ايف آءِ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جعلي/بي نامي بئنڪ اڪائونٽس جي ذريعي فائدو حاصل ڪرڻ واري معاملي جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو.

https://sindhsamaachar.com/2018/07/10/%D8%A2%D8%B5%D9%81-%D8%B2%D8%B1%D8%AF%D8%A7%D8%B1%D9%8A-%DB%BD-%D9%81%D8%B1%D9%8A%D8%A7%D9%84-%D9%BD%D8%A7%D9%84%D9%BE%D8%B1-%D8%AC%D8%AC%D9%88-%D9%86%D8%A7%D9%84%D9%88-%D8%A7%D8%B3%D9%BD/

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *