ڍليار جي ڳوٺ بچو ڀيل فقير ھارين کي سون جي ديڳ ڪڍي ڏيڻ جي بھاني سونا ڳهه ڳٺا ۽ مال وڪڻائي 2 لک 20 ھزار ڦري ويو متاثرن وسندڙ مينهن ۾ ھٿن ۾ ڪارڊ کڻي شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته، فقير مير محمد چيو تہ اوھان جي گھرن ۾ سون جي ديڳ پوريل آھي پاتل ۽ گھرن ۾ رکيل زيور وڪڻي مونکي پيئسا ڏيو.
هنن ٻڌايو ته تعويذ ڪندڙ مير محمد اسان جي گھر ۾ سون جي ديڳ ھجن چئي ڪڍي ڏيڻ جا 2 لک 20 ھزار وٺي فرار ٿي ويو فراڊ ڪندڙ مير محمد کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.