ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ ڪرڻ واري ڪيس ۾، ايف آءِ اي پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپر کان پڇاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا. سنڌ سماءَچار پاران ان بابت ايڪسڪليوزو خبر هلائي هئي. خبر ۾ واضع طور چيو هو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا.
آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم آڏو پيش نه ٿيڻ اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان پ پ جي لاهور ۾ ٿيل اجلاس دوران آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن ۽ اعتزاز احسن جي سربراهي ۾ قانوني ٽيم سام صلاح مشورن بعد فيصلو ڪيو ويو. جنهن بابت اڱاري تي لڳ ڀڳ سوا 8 وڳي ڌاري رات جو پ پ جي اجلاس بعد اهو اعلان ٿيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا. اها خبر ڪراچي مان سنڌسماءَچار اڱري ڏينهن ئي منجهند جو لڳ ڀڳ ساڍي 3 وڳي ڌاري هلائي هئي.
http://www.sindhsamaachar.com/2018/07/10/%D8%A2%D8%B5%D9%81-%D8%B2%D8%B1%D8%AF%D8%A7%D8%B1%D9%8A-%DB%BD-%D9%81%D8%B1%D9%8A%D8%A7%D9%84-%D9%BD%D8%A7%D9%84%D9%BE%D8%B1-%D8%A7%D9%8A%D9%81-%D8%A2%D8%A1%D9%90-%D8%A2%DA%8F%D9%88-%D9%BE%D9%8A%D8%B4/