چئني صوبن جي 10 صوبائي ۽ 16 قومي اسيمبلي جي تڪن تي ٻيهر ڳڻپ جو فيصلو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  اليڪشن ڪميشن اميدوارن پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون ڏيڻ بعد قومي اسيمبلي جي 10 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 تڪن تي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 57 راولپنڊي، اين اي 158 ملتان، اين اي 110 فيصل آباد، اين اي 129 لاهور تي چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن اين اي 15 ايبٽ آباد، اين اي 10 شانگله، اين اي 159 ملتان ۽ اين اي 170 بهاولپور تي به چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي درخواست تي صوبائي تڪ پي پي 290، پي پي 291، پي پي 292 ، پي پي 220 ۽ پي پي 228 تي به ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني وئي آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *