پاڻي جي کوٽ،هاري پاران ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو گُل ڪرڻ جي ڪوشش

راڄو خاناڻي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) راڄو خاناڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت جي تباهي بعد انساني جانيون ڳڙڪائڻ ڏانهن وڌڻ لڳي آهي، هڪ هاري پاران پاڻي جي کوٽ سبب فصل نه پوکي سگهڻ سبب ڦاهو کائڻ جي ڪوشش کي ڳوٺاڻن ناڪام بڻائي ڇڏيو. راڄو خاناڻي ۾ پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ هڪ هاري راشو ڪولهي فصل نه ٿيڻ، بُک ۽ قرض کان تنگ ٿي ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو گُل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ته، ڳوٺاڻن کيس آپگهات جي ڪوشش ڪندي ڏسي ورتو ۽ کيس بچائي ورتو. راشو ڪولهي دانهون ڪندي چيو ته گذريل 8 مهينن کان شيخاڻي شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري نه چيٽ جو فصلو ٿيو ۽ نه ئي وري ڪَتي جي فصل لاءِ پاڻي آيو آهي، ڏينهون ڏينهن زميندارن جا قرضي ٿيندا پيا وڃون. راشو ڪولهي جو چوڻ هو ته هاڻ کائڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي ۽ ٻچا به بکون ڪاتڻ تي مجبور آهن. اهڙي جيئن کان موت ڀليو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن 40 ورهين جي امجد آرائين ۽ بک ۽ بيرزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو هو.

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *