بئنڪ اڪائونٽس ذريعي گهوٻين جو 11 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) احتساب عدالت ڪراچي سوئي سدرن ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي گهوٻين واري 11 سال پراڻي ريفرنس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جوابدار حنا جبين کي 10 سال قيد، 50 لک رُپيا ڏنڊ ۽ ماجد ڪياني کي 7 سال قيد جي سزا، نيب موجب جوابدارن ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچايو. نيب اختيارين موجب جوابدارن  2003 کان 2013 تائين مختلف بينڪ اڪائونٽس ذريعي سوئي سڌرن ڪمپني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. احتساب عدالت 11 سالن کانپوءِ سوئي سڌرن گيس ڪمپني ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي ڪروڙين رپين جي گهوٻين خلاف ريفرنس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ايس ايس جي سي جي اسسٽنٽ مئنيجر فنانس جوابدار حنا جبين ۽ علي ماجد ڪياني کي سزا ٻڌائي. ڪيس ۾ ملوث ايس ايس جي سي جو پروٽوڪول آفيسر علي ماجد ڪياني کي ست سال ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته عدالت  ڪيس ۾ ملوث اطهر حسين کي بري ڪري ڇڏيو. نيب ڄاڻايو ته جوابدارن 2001 کان 2003 تائين مختلف بينڪ اڪائونٽس ذريعي سوئي سدرن ڪمپني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. نيب چيو ته جوابدارن خلاف ريفرنس 2007 ع ۾ احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *