آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو ٻيو ڀيرو اسپيڪر چونڊجي ويو، ريحانا لغاري ڊپٽي اسپيڪر ٿي وئي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچارا) سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جون چونڊون، آغا سراج دراني ٻيو ڀيرو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي، ريحانا لغاري سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي آهي، پرزائيڊنگ آفيسر اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي  عهدن جو حلف کڻايو. اسپيڪر جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار آغا سراج دراني96 ووٽ کڻي ٻيهر اسپيڪر چونڊجي ويو، گڏيل مخالف ڌر اميدوار جاويد حنيف 59 ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته 3 ووٽ خارج ٿيا. اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊن لاءِ 168 ميمبرن مان 158 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، تحريڪ لبيڪ جي ٽن ميمبرن ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پ پ  اميدوار ريحانه لغاري 98 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار رابعا اظفر 59 ووٽ کڻي هارائي وئي  آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *