ن ليگ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج لاءِ پ پ سان صلاح مشورو نه ڪيو: ناصر شاهه

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَچار) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نواز ليگ کي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪرڻ کان اڳ اتحادين سان صلاح مشورا ڪرڻ گهرجن ها، ايوان ۾ ميمبرن صرف نواز شريف لاءِ احتجاج ڪيو. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته گذريل ڏينهن چيو ويو ته مخالف ڌر جو اتحاد ٽٽي ويو آهي، پر ان ڪابه حقيقت ناهي. نواز ليگ کي وزيراعظم جو اميدوار آڻڻ لاءِ چيو ويو ، پيپلزپارٽي کي شهباز شريف جي نالي تي خدشا آهن. ناصر حسين شاهه چيو ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻاهران پيرسن انور مجيد کي گرفتار ڪيو ويو، اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *