Wednesday , April 2 2025

”پرڏيهه ۾ منهنجي ڪا به ملڪيت ۽ بئنڪ اڪائونٽ ناهي“: آصف زرداري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ پ جي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته وٽس پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت ناهي. آصف زرداري اين آر او ڪيس ۾ قسم نامو جمع ڪرايو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل قسم نامي ۾ عدالت کي لکي ڏنو آهي ته، وٽس پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ ڪا به ملڪيت نه آهي. آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ۽ هڪ صفحي تي ٻڌل قسم نامي ۾ چيو آهي ته، سندس پرڏيهه ۾ هُو ڪنهن به سڌي يا اڻسڌي طرح ڪنهن به ملڪيت جو مال يا حصيدار به ناهي. پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن به بئنڪ ۾ ڪو به کاتو / اڪائونٽ ناهي ۽ ان قسم نامي جيڪا به ڳالهه ڪئي آهي ان جي اکر اکر تي قائم آهيان.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *