بالي ووڊ اداڪاره سونهن راڻي جوهي چاولا ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا ڪراچي جي دوري تي پهتل آهي. جوهي چاولا ڪراچي جو دورو ڪري رهي آهي ۽ هن پاڪستاني فلم جواني ڦر نهين آني ڏٺي. اداڪارا جوهي چاولا سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ پنهنجن چاهيندڙن کي ٻڌايو ته هوءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ موجود آهي.هن پنهنجي هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي. جوهي چاولا جو چوڻ آهي ته هن ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ پنهنجن ساهيڙين سان گڏ مانجهاندو به ڪيو. ڀارتي اداڪارا وڌيڪ چيو ته هن پاڪستاني رومانوي ڪاميڊي فلم ڏٺي، جنهن ۾ ڀارتي ڇوڪريءَ ۽ پاڪستاني ڇوڪرو رومانوي ڪهاڻي کي جنم ڏين ٿا. اداڪارا جوهي چاولا ان کان اڳ 2013 ۽ 2016 ۾ به خانداني شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي اچي چڪي آهي.هوءَ هڪ ڀيرو پنهنجي ناني جي طبيعت پڇڻ لاءِ نارائڻ سوامي مندر ۾ به اچي چڪي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري کي ڪارڪنن پاران ڏنل درخواستون رستي ٿان هٿ

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *