ٻي شادي ڪرڻ کان روڪڻ تي پيءُ جي ٻن معصوم پٽن کي شاخ ۾ لوڙهي مارڻ جي ڪوشش

شڪارپور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڳوٺ لال مگسي واسي ٻي شادي جي خواهشمند شخص پاران ٻن معصوم پٽن کي شاخ ۾ لوڙهي مارڻ جي ڪوشش کي علائقي واسين ناڪام بڻائي ٻارڙن کي بچائي بي رحم شخص کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو هي. پوليس جو چوڻ آهي ته پٽن پاران ٻي شادي کان منع ڪرڻ تي جوابدار معصوم پٽن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳوٺ لعل  مگسي ۾ جوابدار حبيب الرحمان مگسي پنهنجي 14 ورهين جي پٽ عبدالصمد ۽ 12 ورهين جي حئي کي جنت شاخ ۾ لوڙهي مارڻ جي ڪوشش، ٻارڙن جي دانهن تي ڳوٺاڻن پهچي جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار ٻي شادي کان منع ڪرڻ تي پنهنجي ٻنهي پٽن کي شاخ ۾ لوڙهي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *