Tuesday , March 11 2025

شڪارپور واسڻ ناديا اڄڻ ڊائواسپتال ۾ واهر جي اوسيئڙي ۾ زندگي موت جي ٻه واٽي تي

ڪراچي( سنڌسماءَچار  سوشل ميڊيا ڊيسڪ) شڪارپورجي اڄڻ پاڙي جي رهواسڻ نياڻي جگر جي بيماري ۾ مبتلا ناديا اڄڻ ڊائو اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ناديا اڄڻ جگر ۽ جيري جي بيمارين ۾ مبتال آهي، جنهن جي والدين پنهنجي حيثيت مطابق علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجو الهه تلهه کپائي چڪا آهن، ان باوجود به سندن نياڻي جو علاج مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ناديا جي جگر ۽ جيري جي بيمارين جو مهانگو علاج هاڻي سندس بي پهچ وارثن جي وس ۾ ناهي رهيو، انڪري سندن نوجوان نياڻي موت سان جهيڙيندي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. نياڻي ناديا اڄڻ جي وارثن سنڌ جي سرندي وارن ۽ سنڌ سرڪار کي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

رابطي لاءِ سندس نمبر هي آهي  03337263130

About Asghar Azad

Check Also

چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهي رهيو آهي، ڪوٽڙي وٽ شديد کوٽ

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي درجي تائين گهٽجڻ ان سان گڏ سنڌ ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *