شڪارپور واسڻ ناديا اڄڻ ڊائواسپتال ۾ واهر جي اوسيئڙي ۾ زندگي موت جي ٻه واٽي تي

ڪراچي( سنڌسماءَچار  سوشل ميڊيا ڊيسڪ) شڪارپورجي اڄڻ پاڙي جي رهواسڻ نياڻي جگر جي بيماري ۾ مبتلا ناديا اڄڻ ڊائو اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ناديا اڄڻ جگر ۽ جيري جي بيمارين ۾ مبتال آهي، جنهن جي والدين پنهنجي حيثيت مطابق علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجو الهه تلهه کپائي چڪا آهن، ان باوجود به سندن نياڻي جو علاج مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ناديا جي جگر ۽ جيري جي بيمارين جو مهانگو علاج هاڻي سندس بي پهچ وارثن جي وس ۾ ناهي رهيو، انڪري سندن نوجوان نياڻي موت سان جهيڙيندي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. نياڻي ناديا اڄڻ جي وارثن سنڌ جي سرندي وارن ۽ سنڌ سرڪار کي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

رابطي لاءِ سندس نمبر هي آهي  03337263130

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *