خانپور: ننڍي عمر جي نينگري ۽ نينگر جي شادي ڪرائيندڙ والدين گرفتار، عدالت ۾ پيش مولوي به سوگهو

خانپور:

خانپور ويجهو فيضو پوليس گذريل رات ننڍي عمر جي شادي روڪرائي گهوٽ ۽ ڪنوار جي والدين کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي پيئرن، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي، وڪيل ۽ شاهدن سميت 6 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
خانپور لڳ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ واري تقريب تي پوليس چڙهائي ڪري گهوٽ ۽ ڪنوار کي تحويل ۾ وٺي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڳوٺ قمر الدين پهوڙ ۾ گذريل رات 8 ورهين جي الهه وڌايو پهوڙ ۽ 11 ورهين جي حليمه مرهٽو جي شادي ٿي رهي هئي ته فيضو ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري گهوٽ ۽ ڪنوار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٻنهي کي وومين سينٽر شڪارپور منتقل ڪيو.
خانپور پوليس گهوٽ جي والد عبدالسبحان پهوڙ ۽ ڪنوار جي والد عبدالرسول مرهٽو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.
فيضو ٿاڻي جي پوليس سرڪار جي مدعيت ۾ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي سليمان پهوڙ، ٻن شاهدن ۽ هڪ وڪيل سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي..

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *